- Advertisement -
آئيني ترميم لاءِ حڪومتي مسودي اهم نقطا سامهون اچي ويا آهن.
حڪومت وفاقي آئيني عدالت جوڙڻ جو فارمولو سياسي پارٽين سان شيئر ڪيو آهي.
تجويز ڪيل ترميم موجب وفاقي آئيني عدالت چيف جسٽس سميت ستن ججن تي ٻڌل هوندي، هڪ رٽائرڊ جج نئين عدالت جو چيف جسٽس نامزد ڪندو.
ترميم موجب قانون وارو وزير، اٽارني جنرل ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جو نمائندو شامل هوندو، ٻنهي ايوانن مان حڪومت ۽ مخالف ڌر جا ٻه ٻه ميمبر کنيا ويندا.
تجويز ڪيل حڪومتي ترميم ۾ چيو ويو ته صوبائي آئيني عدالتون چيف جسٽس، صوبائي قانون واري وزير ۽ بار ڪائونسل جي نمائندي تي ٻڌل هونديون.
ترميم موجب جج جي اهليت رکندڙ شخص لاءِ نالي تي صلاح بعد وزيراعظم معاملو صدر ڏانهن موڪليندو، وفاقي آئيني عدالت جي باقي ميمبرن جي مقرري صدر چيف جسٽس جي صلاح مشوري سان ڪندو.
ترميم موجب چيف جسٽس ۽ ججن جا نالا پارلياماني ڪميٽيءَ ذريعي وزيراعظم کي ڏنا ويندا، جج جي عمر 40 سال، ٽيهه سال عدالت ۽ 10 سال وڪالت جو تجربو لازمي هوندو.
حڪومتي ترميم موجب ڪنهن به جج جي برطرفي جي قطعي منظوري صدر ڏيندو، وفاقي آئيني عدالت جو فيصلو ڪنهن به عدالت ۾ چئلينج نه ٿي سگهندو، چئني صوبائي عدالتن جي فيصلن تي اپيل وفاقي عدالت ۾ ٿي سگهندي.
ترميم موجب سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري به 8 رڪني پارلياماني ڪميٽي ذريعي ٿيندي، سپريم ڪورٽ جي جج جي مقرري ٽن سينيئر ترين ججن مان ڪئي ويندي.- Advertisement -
