تازه ترين

ممتاز علي چانگ پنجاب اسيمبلي ۾ هڪ ڀيرو وري سنڌ پنجاب دنگ تي قائم ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي قهري ڪاررواين تي آواز اٿاريو

- Advertisement -
رحيم يارخان مان چونڊيل پ پ ايم پي اي ممتاز علي چانگ پنجاب اسيمبلي ۾ هڪ ڀيرو وري سنڌ پنجاب دنگ تي قائم ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي قهري ڪاررواين تي آواز اٿاريو آهي. پنجاب اسيمبلي جي اجلاس دوران سنڌ پنجاب دنگ تي واقع ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن جي قهري ڪارواين خلاف پيش ڪيل تحريڪ تي ڳالهائيندي ممتاز چانگ چيو ته 23 سيپٽمبر تي هن اسيمبلي ۾ ڌاڙيلن ۽ پوليس کاتي ۾ موجود ڪارين رڍن خلاف ڳالهايو. هن چيو ته ٻن ڏينهن جي وقفي بعد صادق آباد موٽر وي لڳ سندس ڀيڻ جي گهر تي حملو ڪيو ويو، گورنر پنجاب جي مداخلت بعد ايف آءِ آر داخل ٿي. پ پ ايم پي اي چيو ته صادق آباد ۽ ڀرپاسي واري علائقي مان وڌيڪ ستن ڄڻن کي اغوا ڪيو ويو آھي، جن ۾ ٻه اقليتي مزدور به شامل هئا، انهن کي ڊيل بعد بازياب ڪرايو ويو. ممتاز علي چانگ چيو ته بلال عباسي ۽ سليم جي وارثن کان ڏيڍ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آھي. هن چيو ته پنجاب جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن سان گڏ پوليس جا ڪرپٽ ايس ايڇ اوز ملوث آھن، ڪچي مان ڌاڙيلن جو آزار ختم ڪرائڻ لاءِ فوري طور آرمي آپريشن شروع ڪرايو وڃي. پ پ ايم پي ايَ چيو ته پ پ پنجاب حڪومت جو حصو آھي،  ترقياتي اسڪيمن ۾ پيپلزپارٽي جي اسيمبلي ميمبرن  پاران ڏنل اسڪيمون پڻ شامل ڪيون وڃن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22 ° C
22 °
22 °
29 %
2.6kmh
0 %
ڇنڇر
21 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون