تازه ترين

آئيني ترميم واري معاملي تي اڳڀرائي نه ٿيڻ سبب قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي

آئيني ترميم واري معاملي تي اڳڀرائي نه ٿيڻ سبب قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪيا ويا آهن.

سپريم ڪورٽ ۽ هائيڪورٽن جي ججن جي ملازمت ۾ اضافي ۽ نئين آئيني عدالت قائم ڪرڻ سميت ٻين ترميمن جي منظوري لاءِ آچر ڏينهن قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ اجلاس طلب ڪيا ويا، پر مولانا فضل الرحمان ۽ مخالف ڌر جي اعتراضن توڙي تجويزن سبب آئيني ترميمون منظوريءَ لاءِ قومي اسيمبليءَ ۾ پيش نه ٿي سگهيون.

سينيٽ جي اجلاس جو وقت به ٽي ڀيرا تبديل ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ پارليامينٽ جي خاص ڪميٽيءَ جا به هڪ ئي ڏينهن ۾ چار اجلاس ٿيا، جنهن ۾ سمورين تجويزن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.

اڄ به آئيني ترميمن تي سمورين پارٽين جو راضپو نه هجڻ سبب پهريان سينيٽ ۽ پوءِ قومي اسيمبليءَ جو اجلاس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
118,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
16.9 ° C
16.9 °
16.9 °
31 %
2.6kmh
1 %
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
26 °

تازه ترين خبرون