تازه ترين
حڪمران پنهنجي مرضي شروع ڪري ڇڏين ته نظام ڊهي پوندو آهي:بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه يونيورسٽين بابت قانونسازي واپس نه وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو قومي اسيمبليءَ سوشل ميڊيا قانون سخت ڪرڻ بابت پيڪا ايڪٽ ترميمي بل  اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان افسوس ناڪ آهي، ڳالهين جو اهو عمل پي ٽي آءِ جي اڳڀرائي تي هو:عرفان صديقي پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم سوشل ميڊيا لاءِ آهي ۽ ان سان صحافين کي تحفظ ملندو:عطا تارڙ سڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جي مداخلت جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ڇهن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ... سپريم ڪورٽ  بئنچن جي اختيارن جي ڪيس ۾ ايڊيشنل رجسٽرار سپريم ڪورٽ خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ فيصلو محفوظ ... شرجيل انعام ميمڻ وڏي وزير جي تبديلي بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو تحريڪ انصاف دور ۾ مسلم ليگ نون جي قيادت کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو:عطا تارڙ تحريڪ انصاف حڪومت سان ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

آئيني عدالت ۾ قاضي فائز عيسيٰ ويهي يا جسٽس منصور ڪو مسئلو ناهي:بلاول ڀٽو زرداري

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آئيني عدالت ۾ قاضي فائز عيسيٰ ويهي يا جسٽس منصور ڪو مسئلو ناهي.

ڪوئٽا بار ايسوسيئيشن کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئيني عدالت جي مخالفت ڪندڙن کي وڪالت ۽ سياست ڇڏڻي پوندي.

هن چيو ته 1973ع جي آئين کي ميثاق جمهوريت ذريعي بحال ڪيو، ڪنهن به جج ۾ اها جرئت نه هئي ته هو ڊڪٽيٽر جي قانون کي غير آئيني چوي، پر ان  وقت سياسي ماڻهو ظلم برداشت ڪري رهيا هئا.

سندس چوڻ هو ته  سندس والد ڪنهن سزا کانسواءِ قيد ڀوڳيو، تنهن وقت به هي ساڳيو عدالتي نظام هو، مڪمل انصاف ڪٿي هو؟

هن چيو ته اهي ڪنهن وزيراعظم کي هٽائي ڇڏين ۽ هو هڪ لفظ به ٻاهر نه ڪڍي سگهن، ائين نه ٿيندو، چيو ويو ته رياست ماءُ جيان هوندي پر پوءِ رياست پيءُ جهڙي ٿي وئي ۽ ان ۾ افتخار چوڌري جو وڏو هٿ هو، سندس دور ۾ بينچ رات 12 وڳي  ويهي رهندو هو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن آئين چوي ته آئيني عدالت هوندي ته توهان مڃيندا، عدالت جو ڪم آئين ۽ قانون تي عملدرآمد ڪرائڻ آهي، هنن 30 سالن جي جدوجهد کانپوءِ فيصلو ڪيو ته آئيني عدالت ٺهي، ملڪ ۾ ڪنهن کي مقدس ڳئون نه بڻجڻ گهرجي.

هن  چيو ته ميثاق جمهوريت ۾ پهريون مطالبو آهي ته وفاقي آئيني عدالت بڻجڻ گهرجي، ڇا اوهان يقين ڏياريندا ته پوري 18 هين ترميم اڏائڻ جي ڌمڪي نه ڏني ويندي.

هن چيو ته  ايترا ڪيس آهن جيڪي نٿا ٻڌا وڃن، هر چوٿين مهيني هڪ سياسي ڪيس سامهون اچي ٿو.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اهو چاهي ٿو ته صوبائي سطح تي به آئيني عدالت هجي.

هن چيو ته اهي حڪومت سان جيڪا  هينئر تائين طئي ڪري چڪا آهن اها وفاقي آئيني عدالت آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اهي چاهين ٿا ته ڪميٽي اتفاق راءِ سان جج جو فيصلو ڪري، ڪميٽي جنهن کي اتفاق راءِ سان جج بڻائي تنهن کي جج ٿيڻ گهرجي، اهي اهڙو نظام ٺاهين جيڪو اڳتي هلي کين تحفظ ڏئي سگهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
4 ° C
4 °
4 °
28 %
1.4kmh
0 %
خميس
4 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
14 °
آچر
16 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون