تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي وڪيل جي قتل ڪيس ۾ ٽن جوابدارن جون سزا خلاف اپيلون رد ڪندي سزا برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي وڪيل جي قتل ڪيس ۾ ٽن جوابدارن جون سزا خلاف اپيلون رد ڪندي سزا برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾ ٻه رڪني ڊويزن بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. وڪيل محمد فاروق دليل ڏيندي چيو ته نويد ڀٽي، ساجد ۽ زاهد ٽئي جوابدار بئريسٽر مرتضيٰ چنائيءَ جي آفيس ۾ ڪم ڪندا هئا. هن چيو ته ٽنهي جوابدارن 25 آگسٽ 2011ع تي بئريسٽر مرتضيٰ چنائي کي قتل ڪيو. فريادي جي وڪيل موجب جوابدارن وڪيل کي قتل ڪرڻ بعد سندس آفيس مان 20 لک رپين جي پرڏيهي ڪرنسي يورو، سيونگ سرٽيفڪيٽ وغيره چوري ڪيا. وڪيل چيو ته مقتول جو لاش ڪراچي بار جي سيڪريٽري بئريسٽر صلاح الدين پوليس کان وصول ڪيو، سپريم ڪورٽ به ان معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو. وڪيل موجب جوابدارن کي سي سي ٽي وي جي مدد سان پرڏيهي ڪرنسي مٽائڻ دوران گرفتار ڪيو ويو. وڪيل چيو ته عدالت جوابدارن کي عمرقيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي. عدالت جوابدارن جون سزا خلاف اپيلون رد ڪندي سزا برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
22.9 ° C
22.9 °
22.9 °
30 %
3.6kmh
100 %
آچر
23 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون