پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آئيني عدالت ۾ قاضي فائز عيسيٰ ويهي يا جسٽس منصور ڪو مسئلو ناهي.
ڪوئٽا بار ايسوسيئيشن کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئيني عدالت جي مخالفت ڪندڙن کي وڪالت ۽ سياست ڇڏڻي پوندي.
هن چيو ته 1973ع جي آئين کي ميثاق جمهوريت ذريعي بحال ڪيو، ڪنهن به جج ۾ اها جرئت نه هئي ته هو ڊڪٽيٽر جي قانون کي غير آئيني چوي، پر ان وقت سياسي ماڻهو ظلم برداشت ڪري رهيا هئا.
سندس چوڻ هو ته سندس والد ڪنهن سزا کانسواءِ قيد ڀوڳيو، تنهن وقت به هي ساڳيو عدالتي نظام هو، مڪمل انصاف ڪٿي هو؟
هن چيو ته اهي ڪنهن وزيراعظم کي هٽائي ڇڏين ۽ هو هڪ لفظ به ٻاهر نه ڪڍي سگهن، ائين نه ٿيندو، چيو ويو ته رياست ماءُ جيان هوندي پر پوءِ رياست پيءُ جهڙي ٿي وئي ۽ ان ۾ افتخار چوڌري جو وڏو هٿ هو، سندس دور ۾ بينچ رات 12 وڳي ويهي رهندو هو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن آئين چوي ته آئيني عدالت هوندي ته توهان مڃيندا، عدالت جو ڪم آئين ۽ قانون تي عملدرآمد ڪرائڻ آهي، هنن 30 سالن جي جدوجهد کانپوءِ فيصلو ڪيو ته آئيني عدالت ٺهي، ملڪ ۾ ڪنهن کي مقدس ڳئون نه بڻجڻ گهرجي.
هن چيو ته ميثاق جمهوريت ۾ پهريون مطالبو آهي ته وفاقي آئيني عدالت بڻجڻ گهرجي، ڇا اوهان يقين ڏياريندا ته پوري 18 هين ترميم اڏائڻ جي ڌمڪي نه ڏني ويندي.
هن چيو ته ايترا ڪيس آهن جيڪي نٿا ٻڌا وڃن، هر چوٿين مهيني هڪ سياسي ڪيس سامهون اچي ٿو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اهو چاهي ٿو ته صوبائي سطح تي به آئيني عدالت هجي.
هن چيو ته اهي حڪومت سان جيڪا هينئر تائين طئي ڪري چڪا آهن اها وفاقي آئيني عدالت آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اهي چاهين ٿا ته ڪميٽي اتفاق راءِ سان جج جو فيصلو ڪري، ڪميٽي جنهن کي اتفاق راءِ سان جج بڻائي تنهن کي جج ٿيڻ گهرجي، اهي اهڙو نظام ٺاهين جيڪو اڳتي هلي کين تحفظ ڏئي سگهي.