تازه ترين

آئيني معاملن ۾ ڦاسائي سپريم ڪورٽ جو  امتحان ورتو ويو،سپريم ڪورٽ

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته آئيني معاملن ۾ ڦاسائي سپريم ڪورٽ جو  امتحان ورتو ويو،  واقعن کي ورجائڻ نه ٿو چاهي پر عدالتي ڪارڪردگي متاثر ٿي آهي، نئين چيف جسٽس جي راءِ مختلف ٿي سگهي ٿي، نئون چيف جسٽس ملڪ جو ساراهه جوڳو ماڻهو آهي، گوڊ ٽو سي يو واري سندس جملي کي غلط رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، شارٽ اينڊ سوئيٽ ججمينٽ بابت آبزرويشن جي به غلط رپورٽنگ ٿي.

نئين عدالتي سال جي تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته فيبروري 2023ع ۾ سپريم ڪورٽ جي سامهون ڪيترائي آئيني ڪيس آيا، آئيني اشوز ۾ منجهائي عدالت جو امتحان ورتو ويو.

سندس چوڻ هو ته هن چيو ته گذريل سال هڪ تقريب ۾ عدالت جي هڪ سال جي ڪارڪردگي تي روشني وڌي هئي، هڪ سال ۾ سپريم ڪورٽ رڪارڊ 23 هزار ڪيس اڪلايا آهن.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته دير جو شڪار ڪيسن جو انگ 2 هزار تائين گهٽائي سگهيا عدالت پاڻ ڪيترائي ڀيرا سخت امتحان ۽ ماحول جو شڪار ٿي، هو اهي واقعا ورجائڻ نه ٿا چاهن جيڪي ٿيا پر ان سان عدالتي ڪارڪردگي متاثر ٿي، آڊيو ليڪس ڪيس ۾ سمورا واقعا سندس فيصلي جو حصو بڻيل آهن.

نامزد چيف جسٽس فيض عيسيٰ جي حوالي سان هن چيو ته سندن نئين آيل چيف جسٽس کان مختلف راءِ ٿي سگهي ٿي پر نئون آيل چيف جسٽس قابل تعريف شخص آهي.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ميڊيا سماج جون اکيون ۽ ڪن آهن، سندس حوالي سان به ميڊيا ۾ غلط رپورٽنگ ڪئي، گوڊ ٽو سي يو واري سندس جملي کي غلط رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، شارٽ اينڊ سوئيٽ ججمينٽ بابت آبزرويشن جي به غلط رپورٽنگ ٿي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
23 ° C
23 °
23 °
44 %
4.6kmh
13 %
سُومر
23 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون