تازه ترين

آرمي چيف جنرل عاصم منير طرفان ازبڪستان جو دورو

آرمي چيف جنرل عاصم منير ازبڪستان سان تربيتي سهڪار ۽ انٽيليجنس مٽاسٽا وڌائڻ تي زور ڀريو آهي.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير جمهوريه ازبڪستان جي دوري تي آهي.

دوري دوران آرمي چيف ازبڪ صدر شوڪت مرزا يوئيف، بچاءَ واري وزير ۽ چيئرمين اينڊ سيڪريٽري اسٽيٽ      سڪيورٽي سروسز ازبڪستان سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران آرمي چيف گڏيل  تربيتي سهڪار ۽ انٽيليجنس مٽاسٽا وڌائڻ تي زور ڀريو.

آرمي چيف ازبڪستان جي فوجي جي تربيت  جي معيار ۽ علائقائي سلامتي لاءِ ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.

ازبڪ بچاءَ واري وزارت اچڻ تي آرمي چيف جنرل عاصم منير جي شاندار آجيان ڪئي وئي ۽ کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.

آرمي چيف جنرل عاصم منير تاشقند ۾ شهيدن جي يادگار تي گلن پڻ رکيا..

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
30.4 ° C
30.4 °
30.4 °
11 %
6.4kmh
0 %
اربع
31 °
خميس
36 °
جمعو
37 °
ڇنڇر
37 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون