- Advertisement -
آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ جي قسم کڻڻ واري تقريب اڄ ايوان صدر مظفرآباد ۾ ٿيندي.
قسم کڻڻ واري تقريب ۾ شرڪت لاءِ پيپلزپارٽي جـِي اڳواڻ فريال ٽالپر مظفرآباد پهچي وئي آهي جڏهن ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي شرڪت جو به امڪان آهي.
آزاد ڪشمير جي نئين وزيراعظم فيصل راٺوڙ ايوان کي خطاب ۾ ايڪشن ميٽي کي حقيقت قرار ڏيندي چيو ته سندن ڪجهه مسئلا حقيقي ۽ ڪجهه خواهشون آهن.
واضع رهي ته سومر ڏينهن آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي هئي.
سندس پنهنجي ئي ڪابينا جي ميمر رهندڙ پيپلزپارٽي جي اميدوار فيصل ممتاز راٺوڙ کي وزارت عظمى لاءِ 36 ووٽ مليا، مخافلت ۾ صرف 2 ووٽ آيا، پيپلزپارٽي بي اعتمادي رٿ لاءِ 38 ميمبرن جي حمايت جي دعوى ڪئي هئي.- Advertisement -
