اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، نگران حڪومت کان سيڙپڪاري بابت منصوبا جلد مڪمل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته آدمشماري کانپوءِ اليڪشن ڪميشن تڪ بنديون ڪرائڻ جي پابند آهي، اليڪشن ڪميشن آئين ۽ قانون تحت ئي عام چونڊون ڪرائيندي، ملڪ معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، نگران حڪومت ايس آءِ سي ايف جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪري.
جاري ڪيل بيان ۾ آصف علي زرداري چيو ته ملڪ هن وقت معاشي بحران مان گذري رهيو آهي، جنهن لاءِ سڀني کي سياست بدران معيشيت جو فڪر پهريان ڪرڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن آئين ۽ قانون تحت ئي عام چونڊون ڪرائيندي، آدمشماري کانپوءِ اليڪشن ڪميشن تڪ بنديون ڪرائڻ جي پابند آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ سمورن ميمبرن تي کين مڪمل اعتماد آهي.
اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته نگران حڪومت ايس آءِ سي ايف جي منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪري ملڪ کي ترقي جي رستي تي آڻي، ملڪ آهي ته هو سڀ آهن.