تازه ترين

آفريقي ملڪ ملاوي جي نائب صدر سميت 10 ڄڻا جهاز حادثي ۾ فوت ٿي ويا

آفريقي ملڪ ملاوي جي نائب صدر سميت 10 ڄڻا جهاز حادثي ۾ فوت ٿي ويا.

ملاوي جي صدر لازارس چڪويراني سرڪاري ٽي وي تي اچي جهاز حادثي ۾ نائب صدر سائولوس ڪلائوس جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته ريسڪيو ٽيمن جهاز جو ملبو ڳولي ورتو آهي، جهاز ۾ موجود ڪو به ماڻهو بچي نه سگهيو آهي.

هن چيو ته حادثي جو شڪار جهاز جو ملبو ملاوي جي اتر ئين جابلو علائقي مان جهنگ مان هٿ ڪيو ويو آهي،

پرڏيهي ميڊيا موجب آفريقي ملڪ ملاوي جي نائب صدر جو گم ٿيل جهاز امڪاني طور تي ڪِري تباهه ٿيو آهي.

ان کان اڳ، ملاوي جي ڊفينس فورس جي ڪمانڊر، پال ويلنٽينو فيري چيو ته نائب صدر جو جهاز ٿي سگهي ٿو چيڪنگوا جهنگ ۾ ڪري تباهه ٿيو هجي پر گهاٽا ٻيلا ۽ ڪوهيڙا ريسڪيو آپريشن ۾ رڪاوٽ آهي.

واضح رهي ته جهاز ۾ ملاوي جي نائب صدر سميت 10 ڄڻا سوار هئا.

جهاز 10 جون تي راڄڌاني، ليلونگوي، کان موزوزو ڏانهن روانو ٿيو هو ۽ ٽيڪ آف کان جلد ئي ريڊار کان غائب ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ ان جي ڳولا ڪئي وئي هئي..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
120,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
0.6 ° C
0.6 °
0.6 °
33 %
4.5kmh
0 %
خميس
10 °
جمعو
11 °
ڇنڇر
13 °
آچر
14 °
سُومر
12 °

تازه ترين خبرون