تازه ترين

گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل غزه ۾ جنگبندي بابت آمريڪي تجويز جي حمايت ۾ ٺهراءُ پاس منظور ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل غزه ۾ جنگبندي بابت آمريڪي تجويز جي حمايت ۾ ٺهراءُ پاس منظور ڪري ڇڏيو آهي. سلامتي ڪائونسل ۾ ٺهراءُ جي منظوري لاءِ 14 ووٽ وڌا ويا، جڏهن ته هڪ ميمبر ووٽ نه ڏنو، هن جنگبندي واري تجويز جو مسودو آمريڪي صدر جوبائيڊن منظور ڪيو هو. سلامتي ڪائونسل ۾ ووٽنگ دوران روس ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو، منظوري کان اڳ قرارداد جي مسودي تي آمريڪا ۽ سلامتي ڪائونسل جي ميمبر ملڪن وچ ۾ 6 ڏينهن تائين بحث پڻ ٿيو، جنهن کانپوءِ آمريڪا قرارداد کي حتمي شڪل ڏني. قرارداد ۾ حماس تي زور ڏنو ويو آهي ته هو ان ٺهراءُ کي قبول ڪري ۽ ٻنهي طرفن کان بنا ڪنهن دير جي قرارداد تي عمل ڪرايو وڃي. قرارداد موجب ٻنهي ڌرين ۾ ڳالهيون ٿينديون ۽ ان دوران جنگبندي برقرار رهندي. ٻئي طرف حماس، غزه ۾ جنگبندي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب حماس جو چوڻ آهي ته هو جنگبندي جي تجويز تي عملدرآمد لاءِ ٽياڪڙن سان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ياد رهي ته مارچ ۾ سلامتي ڪائونسل غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ حماس طرفان اسرائيلي يرغمالين کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
25 %
3.1kmh
3 %
ڇنڇر
26 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
37 °
اربع
36 °

تازه ترين خبرون