آمريڪا، پاڪستان کي ميزائل پروگرام لاءِ اوزار فراهم ڪرڻ جو الزام مڙهي چئن پريهي ڪمپنين تي پابندي مڙهي ڇڏي.
آمريڪا طرفان چين جي ٽن ۽ بيلاروس جي هڪ ڪمپنيءَ تي پابندي مڙهي وئي آهي.
آمريڪي پرڏيهي وزارت جي بيان ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اهي ڪمپنيون پاڪستان جي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام لاءِ آوزار فراهم ڪن ٿيون.
بيان موجب ٽن چيني ۽ هڪ بيلاروس جي ڪمپنيءَ پاڪستان کي ڊگهي مفاصلي تائئين مار ڪندڙ ميزائلن سميت بيلسٽڪ ميزائل بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪئي آهي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب انهن ڪمپنين وڏي پئماني تي تباهي پکيڙيندڙ هٿيارن جي پکيڙ يا انهن جي پهچ لاءِ پاڪستان کي مواد فراهم ڪرڻ ۾ سهڪار ڪيو، جنهن سان پاڪستان کي ائٽمي هٿيارن جي تياري ۽ چرپر جي ڪوششن ۾ ڪاميابي ملي….