- Advertisement -
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته هو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ پرامن ۽ تعميري لاڳاپا ڏسڻ چاهين ٿا.
پنهنجي پريس بريفنگ ۾ امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته امريڪا، ڀارتي وزيراعظم نريندي مودي طرفان شهباز شريف کي مبارڪباد ڏيڻ جي آجيان ڪري ٿو.
هن چيو ته آمريڪا ڀارت ۽ پاڪستان سان لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ۾ پرامن ۽ تعميري لاڳاپا ڏسڻ چاهي ٿو.
ميٿيو ملر چيو ته هو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ پرامن ڳالهين جي آجيان ڪندا، جڏهن ته ڳالهين جي رفتار ۽ نوعيت جو تعين ٻنهي ملڪن کي ڪرڻو آهي.
امريڪا ۾ سـِک اڳواڻ تي قاتلاڻي حملي بابت پڇيل سوال ۾ ميٿو ملر چيو ته سک اڳواڻ تي قاتلاڻي حملي جي جاچ جاري آهي.- Advertisement -
