آمريڪا اسرائيل فلسطين جنگ سبب سڄي دنيا ۾ پنهنجي شهرين کي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.
امريڪي پرڏيهي وزارت طرفان جاري الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگ دوران ڇڪتاڻ ۾ اضافي دنيا جي مختلف هنڌن تي امريڪي شهري ۽ امريڪي مفادن خلاف دهشتگرد حملن، مظاهرن يا پرتشدد ڪاررواين جا امڪان آهن.
امريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب، مصر ۽ اسرائيلي کي چيو آحي ته هو غزه ۾ امدادي جي ورهاست دوران حملا نه ڪن.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هو پاڪستان سميت سمورن رياستن تي زور ڏئي ٿو ته اهي پناهگيرن بابت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪن.
امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿو ملر تصديق ڪئي ته اسرائيل فلسطين جنگ ۾32 امريڪي مارجي ويا آهن جڏهن ته 11 اڃا تائين لاپتا آهن……..