ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه ئي چيو آهي ته امريڪا، اسرائيل کي غزه ۾ بمباري لاءِ هدايتون ڏئي رهيو آهي.
تهران مان جاري هڪ بيان ۾ ايراني سپريم ليڊر چيو ته امريڪا ڏوهارين جو ساٿي آهي، غزه ۾ ٿيندڙ ڏوهه جي امريڪا ڪنهن نه ڪنهن طرح سان هدايت ڏئي رهيو آهي.
آيت الله سيد علي خامنه اي وڌيڪ چيو ته امريڪين جا هٿ غزه جي معصوم ٻارن، عورتن، مريضن ۽ ٻين ماڻهن جي رت سان رنڱيل آهي.