- Advertisement -
آمريڪا ايران سان واپار ڪندڙ ملڪن تي 25 سيڪڙو ٽيرف لڳائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو .
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ايران سان واپاري ڪندڙ ملڪن تي 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو ويندو.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو حڪم قطعي آهي ۽ اهو قدم فوري لاڳو ٿيندو ۽ اهي سمورا ملڪ جيڪي ايران سان ڪاروبار ڪندا، کين آمريڪا سان ٿيندڙ هر قسم جي واپار تي 25 سيڪڙو ٽيرف ادا ڪرڻو پوندو.
رپورٽن موجب آمريڪي صدر جو حڪم ايران ۾ جاري مظاهرن خلاف ڪريڪ ڊائون کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.
- Advertisement -
