آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سول فراڊ ڪيس ۾ عدالتي حڪم تي عمل نه ڪرڻ تي 5 هزار ڊالر ڏنڊ مڙهيو ويو
پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي جج آرٿر اينگورون 77 ورهين جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي حڪم ڏنو ته هو 10 ڏينهن اندر ڏنڊ نيويارڪ لائرز فنڊ فار ڪلائنٽ پروٽيڪشن ۾ جمع ڪرائي.
نيويارڪ جي عدالت اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي خبردار ڪيو ته ڏنڊ جي رقم جمع ڪرائڻ ۾ ڪا غلطي نه ڪئي وڃي، جيڪڏهن مستقبل ۾ ٻيهر عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيو ته جيل موڪليو ويندو.
آمريڪي جج آرٿر اينگورون چيو ته جيڪڏهن ائين ٻيهر ٿي ته ڊونلڊ ٽرمپ تي توهين عدالت لاڳو ٿيندي، جنهن تي قيد جي سزا به ٿي سگهي ٿي ۽ وڌيڪ مالي ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويندو