- Advertisement -
آمريڪا جي پوزيشن تبديل ڪندڙ ٽن اهم رياستن ۾ صدارتي چونڊن ۾ ڪملا هيرس جي ڀيٽ ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي پوزيشن بهتر ٿي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي مئگزين نيويارڪ ٽائمز ۽ سائينا ڪالج جي سروي ۾ ايري زونا، جارجيا ۽ اتر ڪيرولائنا ۾ ٽرمپ جي مقبوليت ڪاملا کان بهتر نظر اچي رهي آهي.
آمريڪي صدارتي چونڊن کان 6 هفتا اڳ جاري ڪيل ان نئين سروي جي نتيجن موجب رياست ايري زونا ۾ ڪملا هيرس جي مقبوليت 45 سيڪڙو، جارجيا ۾ 45 سيڪڙو ۽ اتر ڪيرولائنا ۾ 47 سيڪڙو رهي.
سروي جي نتيجن موجب مقبوليت جي لحاظ سان ڊونلڊ ٽرمپ ايري زونا ۾ 50 سيڪڙو، جارجيا ۾ 49 سيڪڙو ۽ اتر ڪيرولائنا ۾ به 49 سيڪڙو سان ڪملا هيرس کان اڳتي نظر آيو.
آمريڪي اليڪشني سياست ۾ ٽنهي رياستن کي گيم چينجرز رياستون سمجهيو ويندو آهي.
- Advertisement -
