تازه ترين

رتيديري ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن هٿان هڪ ڄڻو گوليون هڻي قتل

- Advertisement -
رتوديرو ۾ کبڙي قبرستان ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ھڪ ڄڻي کي قتل ڪري فرار ٿي ويا. اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽ۾ لاءِ تعلقي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. مقتول جي سڃاڻپ نادر شاهه پاڙي جي رهواسي 45 سالن جي برڪت علي پٽ علي نواز سومرو طور ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ مقتول جي ڀاءُ گلاب علي ٻڌايو ته سندس ڀاءُ نلڪن جو مستري هيو جيڪو صبح پنهنجي دڪان تي پهتو ته اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. هن چيو ته سندن ڪنهن سان ڪابه دشمني وغيره ناهي سندس ڀاءُ غريب ۽ مسڪين هيو کيس ناحق قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آھي. هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او رتوديرو عبدالغفور ڇٽو ٻڌايو ته کوکر برادري جي هٿياربندن فائرنگ ڪري کيس قتل ڪيو آھي. هن چيو ته جوابدار پنهنجو گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آھن، جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪارروائي ڪري رهيا آھيون. مقتول جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪو گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
9 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
scattered clouds
28.5 ° C
28.5 °
28.5 °
35 %
1.8kmh
39 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
36 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون