تازه ترين

آمريڪا جي ڊسٽرڪٽ جج اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف اليڪشن ڪيس ۾ اهم ڄاڻ جاري ڪري ڇڏي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

آمريڪا جي ڊسٽرڪٽ جج اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف اليڪشن ڪيس ۾ اهم ڄاڻ جاري ڪري ڇڏي.

جج طرفان جاري ڪيل دستاويز ۾ دعويٰ ڪئي ويئي آهي ته اڳوڻو آمريڪي صدر 2020 جون چونڊ هارائڻ باوجود عهدي تي برقرار رهڻ لاءِ ڏوهه ڪيا.

165 صفحن تي ٻڌل دستاويز اسپيشل ڪونسل عدالت ۾ جمع ڪرايا هئا، جنهن ۾ ڪونسل اُهي مبينا شاهديون پيش ڪيون جيڪي هو اڳوڻي آمريڪي صدر خلاف ڪيس ۾ استعمال چاهي پيو.

دعويٰ ڪئي ويئي آهي ته اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اهڙا قدم کنيا هئا جو ايريزونا، جارجيا، مشي گن، نيواڊا، نيو ميڪسيڪو، پينسلوينيا ۽ وسڪونسن ۾ چونڊون هارائڻ باوجود انهن رياستن جا نتيجا پنهنجي حق ۾ تبديل ڪيا وڃن.

دستاويز ۾ اِها به دعويٰ ڪئي ويئي آهي ته اڳوڻي آمريڪي صدر رياستي اهلڪارن سان ڪوڙ ڳالهايو هو ته اهلڪار ووٽن جي حقيقي ڳڻپ نظرانداز ڪيون ويون.

ڊونلڊ ٽرمپ اڳيئي سمورا الزام رد ڪري چڪو آهي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ حڪم جاري ڪري چڪي آهي ته سرڪاري معاملن ۾ صدر کي پراسيڪيوشن کان ڇوٽ حاصل هوندي آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
25.5 ° C
25.5 °
25.5 °
33 %
1.3kmh
54 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون