تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

آمريڪا غزا جنگبندي جي ٻئي مرحلي جو اعلان ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
آمريڪا غزا جنگبندي جي ٻئي مرحلي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ اوڀر لاءِ خاص نمائندي اسٽيو وِٽڪوف غزه ۾ جنگ بندي واري پنهنجي منصوبي جو ٻيو مرحلو شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ اسٽيو وِٽڪوف چيو ته، صدر ٽرمپ جو 20 نقاطي غزه منصوبو هاڻي جنگ بندي کان اڳتي وڌي رهيو آهي، منصوبو غزا کي غير فوجي ڪرڻ، ٽيڪنوڪريٽڪ حڪومت ۽ نئين سر اڏاوت جي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي. وِٽڪوف موجب ٻئي مرحلي تحت، غزه ۾ هڪ عبوري ٽيڪنوڪريٽڪ فلسطيني انتظاميه قائم ڪئي ويندي، جنهن کي غزه جي انتظاميه جي قومي ڪميٽي اين سي اَي جِي سڏيو ويندو، هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا اميد رکي ٿو ته حماس پنهنجي سڀني ذميدارين جي مڪمل طور تي پاسداري ڪندو، جنهن ۾ آخري يرغمال جي لاش جي فوري واپسي شامل آهي. وِٽڪوف خبردار ڪيو ته ائين ڪرڻ ۾ ناڪامي جا سنگين نتيجا نڪرندا. اسٽيو وِٽڪوف چيو ته جنگ بندي جي پهرين مرحلي دوران، تاريخي انساني امداد فراهم ڪئي وئي ۽ جنگ بندي برقرار رکي وئي، سڀني زنده يرغمالين کي آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته 28 يرغمالين مان 27 جا لاش واپس ڪيا ويا. وٽڪوف هن اڳڀرائي ۾ مصر، ترڪي ۽ قطر جي ڪردار کي اڻٽر قرار ڏنو………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.4 ° C
9.4 °
9.4 °
40 %
2.8kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
16 °
اڱارو
16 °
اربع
17 °
خميس
18 °

تازه ترين خبرون