- Advertisement -
آمريڪي بچاءَ واري وزير لائڊ آسٽن چيو آهي ته آمريڪا وچ اوڀر ۾ آمريڪي اهلڪارن تي حملا برداشت نه ڪندو.
پنهنجي هڪ بيان ۾ لائيڊ آسٽن چيو ته کين يقين آهي ته عراق ۾ آمريڪي فوجين تي حملي پويان ايراني حمايت يافته مليشيا جو هٿ آهي.
ٻئي پاسي آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن جو چوڻ آهي ته وچ اوڀر ۾ وڌيڪ حملا تڪرار، عدم استحڪام ۽ عدم تحفظ کي جنم ڏيندا.
پنهنجي بيان ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته هنن ايران ۽ اسرائيل سان سڌي ريت ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ته ڪنهن کي به وچ اوڀر ۾ تڪرار کي نه وڌائڻ گهرجي.
آمريڪي پرڏيهي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته غزا جي يرغمالين بابت ڳالهيون قطعي مرحلي ۾ پهچي چڪيون آهن، ڌرين جي معاهدي کي ترت قطعي شڪل ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن…..- Advertisement -
