آمريڪا وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون، آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن فلسطين، اردن ۽ قطر کانپوءِ سعودي عرب پهچي ويو آهي.
آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن سفارتي مشن جاري رکندي فلسطيني صدر محمود عباس، اردن جي صدر شاهه عبدالله ۽ قطر جي وزير اعظم سان ملاقاتون ڪيون ۽ اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي تي ڳالهيون ڪيون.
آمريڪي پرڏيهي وزير سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي قطر جي وزير اعظم خبردار ڪيو ته اسرائيل غزه ڇڪتاڻ جو دائرو وڌڻ سان انتهائي ڳرا نتيجا نڪرندا.
پريس ڪانفرنس دوران آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته عام شهرين کي سڌي ريت نشانو نه بڻائڻ گهرجي، حماس جي قبضي ۾ يرغمالين جي حفاظت سان آزادي جي لاءِ قطري ڪوششن جي هو ساراهه ڪري ٿو.