- Advertisement -
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته پابندين جي شدت ۾ اضافو آمريڪا جي پاليسي نه پر عادت بڻجي وئي آهي.
اسماعيل بقائي هڪ بيان ۾ چيو ته جڏهن به واشنگٽن سفارتڪاري ذريعي معاملا اڳتي وڌائڻ۾ ناڪام ٿيندو آهي ته پابندين جو سهارو وٺندو آهي.
هن چيو ته جڏهن پابنديون گھربل نتيجا ڏيڻ ۾ ناڪام ٿينديون آهن ته آمريڪا ان جي شدت ۾ تيزي آڻي ڇڏيندو آهي، هاڻي اها آمريڪا جي پاليسي ناهي رهي پر عادت ٿي وئي آهي.
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته اهو آمريڪا جو اهڙو جنون بڻجي ويو آهي جنهن سوچڻ ۽ سمجهڻ جھي صلاحيت ختم ڪري ڇڏي آهي.
بقائي وڌيڪ چيو ته ايران انهن پراڻن ۽ بار بار ورجائڻ وارن هٿڪنڊن آڏو گوڏا نه کوڙيندو.- Advertisement -
