آمريڪا چيو آهي ته هو پاڪستان ۾ ڪنهن به سياسي يا اميدوار جي حمايت نه ڪري رهيا آهن.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر پريس بريفنگ ۾ پاڪستان ۾ آمريڪي سفير جي چيف اليڪشن ڳڪميشن سان ملاقات بابت سوال تي ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا پاڪستاني چونڊ نتيجن تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش نه ٿو ڪري.
سندس چوڻ هو ته هو سڄي دنيا جيان پاڪستان ۾ به آزاداڻي ۽ شفاف چونڊ لاءِ زور ڀري رهيا آهن.
هن چيو ته آمريڪا پاڪستان ۾ ڪنهن به سياسي پارٽي يا اميدوار جي حمايت نه ٿا ڪن.


