تازه ترين

آمريڪا ۾ رهندڙ يهودي فلسطينين  تي اسرائيلي ظلمن خلاف نڪري آيا

آمريڪا ۾ رهندڙ يهودي فلسطينين  تي اسرائيلي ظلمن خلاف نڪري آيا ۽ جنگبنديءَ جو مطالبو ڪندي آمريڪي ڪانگريس ۾ داخل ٿي ويا ۽ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، پوليس ٽي سئو جي لڳ ڀڳ احتجاج ڪندڙن کي گرفتار ڪري ورتو.

اسرائيل جي فلسطينين خلاف ظالماڻي ۽ اگهاڙي جارحيت خلاف سڄي دنيا ۾ احتجاج جو سلسلو جاري آهي، جتي مسلمانن سميت ٻين مذهبن جا ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن اتي اسرائيل اندر توڙي ٻاهر رهندڙ يهودي به اسرائيلي حڪومت خلاف احتجاج ۾ شامل ٿي ويا آهن.

آمريڪا ۾ رهندڙ سوين يهودين طرفان جنگبنديءَ لاءِ واشنگٽن ڊي سي ۾ احتجاج ڪيو، سوين يهودي احتجاج دوران آمريڪي ڪانگريس اندر داخل ٿي ويا ۽ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا.

اِهو احتجاج جـِـيوئش وائس فار پيس سميت يهودين جي ٻين تنظيمن طرفان ڪيو ويو،

احتجاج دوران 5 سئو ماڻهو آمريڪي ڪانگريس جي عمارت اندر داخل ٿي ويا ۽ لابي جي فلور تي ڌرڻو هنيو، جڏهن ته سوين ماڻهو ڪانگريس ٻاهران به احتجاج ڪندا رهيا ۽ هاڻي ئي جنگبندي ڪريو جي نعريبازي ڪندا رهيا.

احتجاج ڪندڙ يهودين کي ڪاريون ٽي شرٽس پهريل هيون جن تي “ ناٽ اِن اَور نيم” لکيل هو، سندن مقصد هو ته اسرائيلي حڪومت اِهو ظلم سندن نالي تي نه ڪري.

ڪانگريس جي عمارت اندر احتجاج ڪرڻ تي پابنديءَ سبب پوليس حرڪت ۾ اچي وئي ۽ 300 ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو.

ِان موقعي تي ڳالهائيندي فلاڊيلفيا سان تعلق رکندڙ لـِـنڊا نالي عورت چيو ته هوءَ پنهنجي عقيدي، قدرن ۽ يهودين جي تاريخ سبب احتجاج ڪري رهي آهي، ڇاڪاڻ ته غزا ۾ شهرين خلاف ڪارروايون وڌڻ تي کين ڳڻتي آهي.

هن چيو ته سندس ڏاڏي هولو ڪاسٽ دوران بچي وئي هئي جنهن کين انساني زندگيءَ لاءِ وڙهڻ سيکاريو آهي.

يهودي عورت چيو ته جتي انصاف نه هوندو اُتي هوءَ انصاف لاءِ آواز اٿاريندي رهندي.

18 سال اڳ غزا ڇڏي آمريڪا منتقل ٿيل ياسر برڪات ٻڌايو ته سندس ڪٽنب اڃا به غزا ۾ رهي ٿو پر موجوده صورتحال سبب سندس رابطو محدود ٿي ويو آهي، آمريڪا فلسطينين خلاف ظلم جي فنڊنگ ڪري رهيو آهي، جيڪا بند ڪئي وڃي.

احتجاج ڪندڙ يهودين جي تنظيم جو چوڻ آهي ته سندن سڏ تي اسرائيل خلاف واشنگٽن جي رستن تي 10 هزار ماڻهن احتجاج ڪيو.

تنظيم جو چوڻ هو ته هو چاهين ٿا ته اسرائيل جنگ بند ڪري، بمباري ۽ بي گناهه انسانن جو موت مسئلي جو حل ناهي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
112,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
24.8 ° C
24.8 °
24.8 °
50 %
0.9kmh
65 %
آچر
25 °
سُومر
30 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون