تازه ترين

آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر لاس اينجلس ۾ لڳل باهه تي اڃا تائين ضابطو نه اچي سگهيو

- Advertisement -
آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر لاس اينجلس ۾ لڳل باهه تي اڃا تائين ضابطو نه اچي سگهيو آهي، تيز هوائن سبب باهه جي شدت خطرناڪ حد تائين وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪيليفورنيا ۾ لڳل باهه تي هفتو گذرڻ باوجود ضابطو نه اچي سگهيو آهي، مختلف هنڌن تي لڳل باهه 40 هزار ايڪڙ ۾ موجود سمورين شين کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو آهي. باهه سبب هيل تائين 25 ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي گم اهن، باهه سبب 12 هزار کان وڌيڪ گهر ۽ عمارتون رک جو ڍير بڻجي ويون آهن،جڏهن ته 2 لک ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا. آمريڪي ميڊيا موجب 12 هزار کان وڌيڪ فائر فائٽر، ساڍا 11 هزار فائر انجڻ، 60 جهاز ۽ 143 واٽر ٽينڪر باهه وسائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن. ميڊيا رپورٽ موجب لاس اينجلس ۾ 3 مختلف هنڌن تي لڳل باهه تيز هوائن سبب وڌيڪ شدت اختيار ڪري سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته لاس اينجلس ۽ ونچورا ڪائونٽيز ۾ 125 ڪلوميٽر في ڪلاڪ رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن، جنهن سبب باهه وڌيڪ ڀڙڪي رهي آهي..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
6 %
2.3kmh
87 %
سُومر
16 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون