تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

3 هزار ميگا واٽ جو حدف حاصل ڪري ورتو آهي، اميد ته جلد بجلي سستي ٿيندي:وزيراعظم شهبازشريف

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته 3 هزار ميگا واٽ جو حدف حاصل ڪري ورتو آهي، اميد ته جلد بجلي سستي ٿيندي، ڪرم ضلعي ۾ حالتون بهتر ٿي رهيون آهن، اميد ته  ڪـُـرم ۾ سمورا اسٽيڪ هولڊر گڏجي امن يقيني بڻائيندا، پي آءِ اي جون يورپ لاءِ اڏاومون شروع ٿيڻ وڏي ڪاميابي آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته تعليم جي شعبي ۾ صوبن جو اهم ڪردار آهي، وفاق کي صوبن سان گڏجي  تعليمي ميدان ۾ چئلينجن کي منهن ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ٽاسڪ فورس 3 هزار ميگا واٽ جو حدف حاصل ڪري ورتو آهي، وڌيڪ وڏين ڪمپنين سان ڪيپيسٽي چارجز جي معاملي تي ڳالهيون هلي رهيون آهن، اميد ته جلد بجلي سستي ٿيندي. وزيراعظم، سرڪاري پاور جنريشن ڪمپنين کي ڊالرن ۾ ادائيگي تي حيرت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پي آءِ اي جون يورپ لاءِ اڏاومون شروع ٿيڻ وڏي ڪاميابي آهي، پي ٽي آءِ حڪومت دوران هڪ وزير جي تقرير جا خراب نتيجا نڪتا، هاڻي پابنديون ختم ٿيون آهن، اميد ته جلد لنڊن لاءِ اڏامن جي شروعات ٿيندي. شهبازشريف چيو ته ڪرم ضلعي ۾ حالتون بهتر ٿي رهيون آهن، امن معاهدي بعد مورچا ختم ڪيا پيا وڃن، خوراڪ ۽ دوائن جي سپلاءِ به پهچائي پئي وڃي، اميد ته سمورا اسٽيڪ هولڊر گڏجي امن يقيني بڻائيندا. وزيراعظم چيو ته دهشتگردن خلاف ڏينهن رات ڪارروايون ٿي رهيون آهن، اميد ته انهن جو جلد خاتمو ٿي ويندو. شهبازشريف چيو ته پنجگور ۾ پاڪ ايران سرحد تي نئين ڪراسنگ جي شروعات ڪئي آهي جنهن سان قانون واپار کي هٿي ۽ سملگنگ روڪڻ ۾ مدد ملندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
20.9 ° C
20.9 °
20.9 °
36 %
2.3kmh
80 %
آچر
21 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون