آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي رسالي يوني پاٿ آرمي چيف جنرل عاصم منير کي شاندار لفظن ۾ ڀيٽا  پيش

- Advertisement -
آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي رسالي يوني پاٿ آرمي چيف جنرل عاصم منير کي شاندار لفظن ۾ ڀيٽا  پيش ڪئي آهي. يوني پاٿ رسالي جي مضمون ۾ جنرل عاصم منير جي پيشيواراڻي ۽  اڳواڻيءَ وارين صلاحيتن جو اعتراف ڪيو ويو. رسالي ۾ چيو ويو ته جنرل عاصم منير کي اهڙي ليڊر طور ياد ڪيو ويندو، جنهن جو پهريون عزم پاڪستان جي سلامتي، استحڪام ۽ خوشحالي آهي. سينٽ ڪام رسالي جي مضمون ۾ آرمي چيف جي قيادت، فوجي پسمنظر ۽ دهشتگردي خلاف ڪوشش جي اجاگر ڪيو ويو. مضمون ۾ آرمي چيف جي دهشتگردي بابت موقف، ففٿ جنريشن وار فيئر، پرڏيهي اڳرائي، جواب ڏيڻ جي صلاحيت ۽ سماجي توڙي اقتصادي قدمن تي روشني وڌي وئي. سينيٽ ڪام جي رسالي ۾ لکيو ويو ته جنرل عاصم منير جي دهشتگردي جي خاتمي وارين ڪوششن جي واکاڻ ڪندي لکيو ته جنرل عاصم منير جي قيادت ۾ شدت پسند گروپن خلاف وسيع فوجي آپريشن ٿيا آهن، جن ۾ 22 هزار 409 انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن شامل آهن، آپريشنن دورنا 398 دهشتگردن جو خاتمو ڪيو ويو. رسالي جي مضمون ۾ لکيو ويو ته جنرل عاصم منير واضح ڪيو ته دهشتگردن کي رياست جي عملداري آڏو گوڏا کوڙڻا پوندا، پاڪستان پنهنجن شهرين جي حفاظت لاءِ دهشتگردن جي نيٽ ورڪس کي ختم ڪندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30 ° C
30 °
30 °
26%
5.6m/s
0%
جمعو
30 °
ڇنڇر
28 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °

تازه ترين خبرون