سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پوليو جي خاتمي بابت عالمي ڏهاڙي تي جاڳرتا ريليون ڪڍيون ويون

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پوليو جي خاتمي بابت عالمي ڏهاڙي تي جاڳرتا ريليون ڪڍيون ويون. نوابشاهه ۾ پوليو جي خاتمي بابت عالمي ڏهاڙي تي ڪمشنر شهيد بينظير آباد سجاد حيدر شاهه، ڊپٽي ڪمشنر شهريار گل ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڊي سي آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. خيرپور ۾ پوليو جي خاتمي بابت عالمي ڏهاڙي تي ضلعي انتظاميا ۽ صحت کاتي طرفان ڊپٽي ڪمشنر احمد فواد شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سوڪ سينٽر کان پريس ڪلب تائين واڪ ڪئي وئي. راڻيپور ۾ پوليو جي خاتمي بابت عالمي ڏهاڙي تي صحت کاتي پاران تعلقي هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ رورل هيلٿ سينٽر کان خانگي اسڪول تائين ريلي ڪڍي وئي. ڪوٽڏيجي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر دريا خان چانڊيو، ايم ايس ڊاڪٽر ڪرامت ٿيٻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. قبي سعيد خان ۾ يوسي فوڪل پرسن امتياز علي جاگيراڻي، آصف علي جاگيراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. غوثپور جي گرلز پرائمري اسڪول، مين پرائمري اسڪول ۽ رورل هيلٿ سينٽر غوثپور طرفان ريلي ڪڍي وئي. اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پوليو جي خاتمي بابت عالمي ڏهاڙي تي ريلين ۽ واڪ جو مقصد عوام ۾ آگاهي پکيڙڻ آهي. هنن چيو ته پوليو ٻارن کي معذور بڻائي ڇڏي ٿو، پوليو کان بچاءَ بابت ڦڙا پيارڻ واري هر مهم ۾ والدين پنهنجي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا ضرور پيارن
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
8 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.7 ° C
28.7 °
28.7 °
25%
3.2m/s
0%
ڇنڇر
31 °
آچر
31 °
سُومر
29 °
اڱارو
32 °
اربع
34 °

تازه ترين خبرون