تازه ترين

آمريڪي صدر جوبائيڊن، حماس ۽ پيوٽن کي هڪ جهڙو قرار ڏئي ڇڏيو

آمريڪي صدر جوبائيڊن، حماس ۽ پيوٽن کي هڪ جهڙو قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته حماس ۽ پيوٽن مختلف خطرن جي نمائندگي ڪندا آهن، حماس جو مقصد اسرائيلي رياست جي تباهي ۽ يهودين جو قتل آهي، حماس فلسطيني عوام جي نمائندي ناهي ڪندو پر فلسطينين کي انساني ڍال طور استعمال ڪندو آهي جنهن سبب بيگناهه فلسطيني خاندانن کي ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن، اسرائيل کي به چيو آهي ته جنگي قانون موجب هلي شهرين جي هر ممڪن حفاظت ڪئي وڃي.

جاري ڪيل بيان ۾ آمريڪي صدر چيو ته اسرائيل ۾ اهڙا ماڻهو ڏٺا جيڪي مضبوط، پرعزم، صدمي ۽ ڏک ۾ آهن، فلسطيني صدر محمود عباس سان به ڳالهيون ڪيون، آمريڪا فلسطيني عوام جي وقار ۽ خود اراديت جي حق لاءِ پرعزم آهي.

سندس چوڻ هو ته حماس جون دهشتگرد ڪارروايون هن حق کي کسي نٿيون سگهن، فلسطينين جي زندگي جي المناڪ نقصان سبب دل ڏکايل آهي جڏهن ته غزا اسپتال تي ٿيل ڌماڪو اسرائيلين نه ڪيو هو، هو فلسطينين کي نظر انداز نٿا ڪري سگهن جيڪي رڳو امن سان رکڻ چاهن ٿا.

آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو ته حماس ۽ پيوٽن مختلف خطرن جي نمائندگي ڪندا آهن، پاڙيسري جمهوريت کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جو ارادو ٻنهي ۾ گڏيل آهي، حماس جو مقصد مقصد اسرائيلي رياست جي تباهي ۽ يهودين جو قتل آهي.

هن چيو ته حماس فلسطيني عوام جي نمائندي ناهي ڪندو پر فلسطينين کي انساني ڍال طور استعمال ڪندو آهي جنهن سبب بيگناهه فلسطيني خاندانن کي ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن.

آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو ته اسرائيل جي دفاعي صلاحيت کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ڪانگريس مان بل پاس ڪرڻ جو چيو آهي ۽ اسرائيل کي به چيو آهي ته جنگي قانون موجب هلي، شهرين جي هر ممڪن حفاظت ڪئي وڃي.

سندس چوڻ هو ته غزا جي ماڻهن کي خوراڪ، پاڻي ۽ دوائن جو فوري ضرورت آهي، غزا ۾ فلسطيني شهرين لاءِ انساني امداد جي کيپ لاءِ معاهدو ڪيو ويو آهي.

آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو ته جيڪڏهن حماس چوري نه ڪري ته فلسطينين لاءِ امداد جي مسلسل فراهمي جو هڪ کليل رستو فراهم ڪيو ويندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.6 ° C
14.6 °
14.6 °
28 %
0.6kmh
0 %
آچر
14 °
سُومر
15 °
اڱارو
16 °
اربع
16 °
خميس
16 °

تازه ترين خبرون