- Advertisement -
آمريڪي عدالت اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي 83 ملين ڊالر ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ٻڌائي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، نيويارڪ جي جيوري هي فيصلو ساک کي نقصان پهچاڻ بابت ڪيس ۾ ٻڌايو آهي.
آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ليکڪ جِينِ ڪيرول کي 83 ملين ڊالر ادا ڪرڻا پوندا جنهن کي ڊونلڊ ٽرمپ سري عام ڪوڙو چيو هو ۽ سندس توهين ڪئي هئي.
جِينِ ڪيرول الزام لڳايو هو ته ڊونلڊ ٽرمپ 1990ع جي مٿس جنسي حملو ڪيو هو، جيوري هي فيصلو ٽن ڪلاڪن کان به گهٽ غور بعد ٻڌايو.
هوڏانهن آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ساک کي نقصان پهچائڻ بابت جيوري جي فيصلي کي کل جوڳو قرار ڏنو آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ ساک کي نقصان پهچائڻ واري ڪيس ۾ هرجاڻي خلاف اپيل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.- Advertisement -
