تازه ترين

آمريڪي عملدارن سان ڳالهين لاءِ يوڪريني صدر رياض پهتو، سعودي ولي عهد سان ملاقات

سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان امريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ۽ يوڪريني صدر ولاديمير زيلنڪسي ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون آهن جنهن دوران روس يوڪرين جنگ ۽ غزه صورتحال سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

سعودي ميڊيا جو چوڻ آهي ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ امريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو يمن ۽ حوثين جي نيويگيشن ڌمڪين بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جڏهن ته شام جي صورتحال ۽ اتي سگهاري حڪومت کي هٿي ڏيڻ تي به صلاح مشورا ڪيا ويا.

سعودي ميڊيا موجب، محمد بن سلمان ۽ مارڪو روبيو غزه جي نئين سر اڏاوت تي به خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي.

ٻئي پاسي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان يوڪريني صدر زيلنسڪي پڻ ملاقات ڪئي جنهن دوران يوڪريني بحران جي خاتمي جي ڪوششن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

سعودي ميڊيا موجب، سعودي ولي عهد روس- يوڪرين جنگ جي خاتمي جون ڪوششون ڪامياب بڻائڻ تي زور ڏنو.

ان کان علاوه يوڪريني صدر به سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن جي امن ۽ سلامتي جي ڪوششن کي ساراهيو.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
few clouds
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
13 %
3kmh
16 %
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
24 °
آچر
26 °

تازه ترين خبرون