تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

جماعت اسلامي جو ڪم ٻين جي ڪمن تي پنهنجون تختيون لڳائڻ ۽ عوام کي گمراهه ڪرڻ آهي :گنهور خان اسراڻ

- Advertisement -
سنڌ حڪومت جي ترجمان گنهور خان اسراڻ جو چوڻ آهي ته جماعت اسلامي جو ڪم ٻين جي ڪمن تي پنهنجون تختيون لڳائڻ ۽ عوام کي گمراهه ڪرڻ آهي. جماعت اسلامي ڪراچي جي امير جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي سنڌ حڪومت جي ترجمان گنهور خان اسراڻ چيو ته جڏهن ماڻهو ڏک ۽ سوڳ ۾ هوندا آهن، جماعت اسلامي سندن تڪليف کي پنهنجي سياسي دڪان چمڪائڻ لاءِ استعمال ڪندي آهي. سندس چوڻ هو ته جماعت اسلامي لساني سياست کي هٿي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي. هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو، خاص طور تي ڪراچي جا ماڻهو باخبر آهن ۽ اهڙن منفي حربن جو مناسب جواب ڏيندا، عوام ڄاڻي ٿو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن. گهنور خان اسراڻ چيو ته سنڌ حڪومت روڊن جي تعمير، ٽرانسپورٽ منصوبن ۽ بنيادي سهولتن جي بهتري تي مڪمل ڌيان ڏئي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته ٽريفڪ هڪ پيچيده مسئلو آهي، سرڪاري ادارا ٽريفڪ پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته جيڪڏهن پيپلزپارٽي ترقياتي نه ٿي ڪرائي ته پوءِ جماعت اسلامي جو امير حافظ نعيم هر ترقياتي منصوبي تي پنهنجو بينر ڇو لڳائيندو آهي. گهنور خان اسراڻ چيو ته جماعت اسلامي کي بي بنياد الزامن بدران سياست ۾ حصو وٺڻ گهرجي ته جيئن عوام جي ڀلائي لاءِ وڌيڪ بهتري آڻي سگهجي………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
9 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
27 %
4.2kmh
0 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون