- Advertisement -
فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي اڳواڻ طاهر النونو چيو آهي ته امريڪي وفد سان دوحه ۾ گذريل هفتي ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون جنهن ۾ ٻِٽي شَهريت واري يرغمالين مان هڪ جي آزادي تي ڳالهه ٻولهه ٿي.
حماس اڳواڻ جو چوڻ هو ته فلسطيني عوام جي مفاد جي لاءِ هنن هاڪاري ۽ لچڪ ڏيندڙ رويو رکيو، جنگ جي مڪمل خاتمي جي لاءِ غزه جنگ بندي معاهدي جي مرحلن تي عملدرآمد جي ڳالهه ٿي.
طاهر النونو چيو ته امريڪي وفد کي ٻڌايو ته جنگ بندي معاهدي تحت يرغمالين جي آزادي جي مخالفت نٿا ڪن.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته غزه جنگ بندي معاهدي جي ايندڙ مرحلي جي لاءِ اڄ کان دوحه ۾ ڳالهيون شروع ٿيڻ جي اميد آهي.
قاهره ۾ جاري جنگ بندي ڳالهين دوران حماس چيو ته غزه ۾ جنگ بندي جي ٻئي مرحلي جي شروعات جي حوالي سان “هاڪاري اشارا” ملي رهيا آهن.
ٻئي پاسي اسرائيل به اعلان ڪيو آهي ته هو اڄ پنهنجو وفد قطر جي راڄڌاني دوحا موڪليندو ته جيئن جنگ بندي ۽ قيدين جي مٽا سٽا جي ڳالهين کي اڳتي وڌائي سگھجي.- Advertisement -
