تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

آچر تي جيالا پنهنجو ٽيلر ڏيکاريندا ۽ تير تي ٺپا هڻي پ پ اميدوارن کي ڪامياب ڪندا : مرتضيٰ وهاب

- Advertisement -
ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته آچر تي جيالا پنهنجو ٽيلر ڏيکاريندا ۽ تير تي ٺپا هڻي پ پ اميدوارن کي ڪامياب ڪندا. صدر ٽائون يوسي 13 ۾ گزري جي چاندني چوڪ  تي چونڊ مهم جي حوالي سان ڪوٺايل جلسي کي خطاب ڪندي ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته هو عظيم عاليشان ريلي ڪڍي جلسو منعقد ڪرڻ تي اڳواڻن کي مبارڪون ٿو ڏئي. هن چيو ته هن يوسي جي عوام جو فيصلو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي حق ۾ آهي ۽ اهي پارٽي جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندا. ميئر ڪراچي چيو ته مٿن جيڪي الزام هڻندا هئا ته هو شهري  نه پر غير مقامي آهن، پر اهڙن الزامن کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، جماعتي گزري مان ئي ڀڃي ويا آهن، هن حلقي ۾ سموريون ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو پيپلز پارٽي جو حصو آهن. سندس چوڻ هو ته  ايندڙ حڪومت پ پ جي هوندي ۽ بلاول  ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻايو ويندو،  پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي جنهن کي عوام سدائين مينڊٽ ڏئي اقتدار ۾ آندو آهي. ميئر ڪراچي وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خاص ڌيان ڏيڻ تي ڪراچي واسي سندس جا ٿورائتا آهن جنهن سنڌ حڪومت هوندي ڪراچي لاءِ کوڙا سارا ترقياتي ڪمن جا پراجيڪٽ ڏنا،    شهرين لاءِ راندين جي گرائونڊن کان پارڪن  جي سهولت لاءِ نوان  روڊ رستا تعمير ڪرائي ڏنا . هن چيو ته ڪافي هنڌن تي اڃان به ڪم جاري آهن،  مخالف ڪراچي شهر جي ترقي نه ٿا چاهن، هو سدائين انهن کي گڏ کڻي هلڻ چاهن ٿا،  ڪراچي ۾ هڪڙي جماعت گٽر نالن تي سياست ڪري رهي آهي پر عوام کين چڱي ريت سڃاڻي ورتو آهي. ان موقعي تي ڪرم الله وقاصي سميت ٻين مقامي اڳواڻن  پن جلسي کي خطاب ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.8 ° C
20.8 °
20.8 °
31 %
1.4kmh
0 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون