تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سپريم ڪورٽ پاران آڊيو ليڪس بابت بينچ تي اڳوڻي حڪومت جا اعتراض رد

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سپريم ڪورٽ آڊيو ليڪس ڪميشن ڪيس ۾ پي ڊي ايم حڪومت جا عدالتي بينچ تي اعتراض رد ڪري ڇڏيا.

چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال جي خواشدامن، خواجا طارق رحيم جي گهرواري، اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ، جسٽس مظاهر نقوي، عابد زبيري ۽ پرويز الاهي جي مبينا آڊيو ليڪس تي حڪومت انڪوائري ڪميشن جوڙي ڇڏي هئي.

حڪومت 9 مبينا آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ انڪوائري ڪميشن جوڙي هئي، جنهن ۾ اسلام آباد ۽ بلوچستان هائيڪورٽن جا چيف جسٽس شامل هئا، جنهن تي عدالت چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس حسن اظهر ۽ جسٽس شاهد وحيد تي ٻڌل 5 رڪني بينچ جوڙي هئي.

عدالتي بينچ هن ڪيس جون ٻه ٻڌڻيون ڪيون ۽ آڊيو ليڪس ڪميشن کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو.

گذريل حڪومت مفادن جي ٽڪراءَ سبب ٽن ججن کي بينچ مان ڌار ڪرڻ لاءِ ڌار درخواست داخل ڪئي هئي، حڪومت طرفان بينچ ۾ شامل ٽن ججن چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر تي اعتراض اٿاريا ويا هئا.

عدالت حڪومت طرفام بينچ تي اعتراض جي ڌار درخواست تي ٻڌڻي بعد 6 جون تي فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو 3 مهينن کانپوءِ جسٽس اعجاز الاحسن ٻڌائي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ ٽن ججن تي حڪومتي اعتراض واري درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ عدالت مختصر فيصلو ٻڌائيندي اڳوڻي حڪومت جي بينچ تي اعتراضن کي عدليه جي آزادي تي حملو قرار ڏئي ڇڏيو.

جسٽس اعجاز الاحسن فيصلو ٻڌائيندي چيو ته ججن تي اعتراض ڪرڻ عدالت تي حملي جي برابر آهي.

سپريم ڪورٽ هن ڪيس جو تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪندي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
26.2 ° C
26.2 °
26.2 °
22 %
3.4kmh
89 %
آچر
26 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
29 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون