تازه ترين

آئيني عدالت قائم ڪرڻ جي تجويز ميثاق جمهوريت ۾ موجود آهي:خواجه آصف

بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته آئيني عدالت قائم ڪرڻ جي تجويز ميثاق جمهوريت ۾ موجود آهي، ڪيترن ئي جمهوري ملڪن ۾ آئيني عدالتون موجود آهن، مڪمل اتفاق ٿيڻ کانپوءِ آئيني ترميم پيش ڪئي ويندي، قانونسازي ڪرڻ ۽ آئين جي حفاظت سندن فرض آهي، آئيني عدم توازن ختم ڪرڻ لاءِ آئيني ترميم ڪئي پئي وڃي، عدالتن ۾ 27 لک کان وڌيڪ ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن، پارليامينٽ جي مضبوطي لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته هو پارليامينٽ جي عزت لاءِ آئين موجب توازن چاهن ٿا، پارليامينٽ جو ڪردار رٻڙ اسٽيمپ نه هئڻ گهرجي، ججن جي مقرري لاءِ پارلياماني ڪميٽي ۽ جوڊيشل ڪميشن ضم ڪرڻ جي تجويز آهي، جيڪو حق سندن آهي هو اهو ئي چاهن ٿا.

سندس چوڻ هو ته جيڪي تجويزون ڏنيون آهن ان ۾ ڪهڙي شق حڪومتي اتحاد جي مفادن جو تحفظ ڪري ٿي، هو هن اداري جي عزت، حق ۽ مضبوطي لاءِ ترميم آڻي رهيا آهن.

بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته هو بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جي صحي ڪيل ميثاق جمهوريت تي عمل چاهن ٿا، هن مسودي کي قطعي شڪل ناهي ڏني وئي، ڪابينا مان پاس ٿيڻ ضروري آهي.

هن چيو ته هو هن تي اتفاق راءِ چاهن ٿا ۽ هي عمل جاري رهندو، ڪوبه ادارو هن سان اختلاف راءِ نٿو رکي سگهي.

بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته هو آئين کي ميثاق جمهوريت موجب کڻي ايندا، آئين ڪنهن پارٽي يا ٽولي جي مفادن جي حفاظت نٿو ڪري.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
118,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
24 %
0.9kmh
0 %
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
27 °

تازه ترين خبرون