اتر وزيرستان ۾ جي علائقي رزمڪ ۾ سڪيورٽي فورسز جي دهشتگردن خلاف آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ به دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، سڪيورٽي فورسز 14 ۽ 15 آگسٽ جي رات وزيرستان جي علائقي زرمڪ ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب، سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٿاڪ کي ڪڙو چاڙهيو جنهن کانپوءِ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا ، مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو.