تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت ڪيون ٿا: امريڪا

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ويدانت پٽيل چيو آهي ته آمريڪا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني حڪومت جي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو.

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته کين ڄاڻ آهي ته پاڪستاني حڪومت ٽٽي وئي آهي، هو نگران وزيراعظم ۽ سندس ٽيم سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن، پاڪستان ۾ آزاد ۽ شفاف چونڊون چاهين ٿا.

آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان چيو ته گڏيل دلچسپي وارن شعبن ۾ پاڪستان سان سهڪار جاري رکندا، پاڪستان ۾ معاشي استحڪام، خوشحالي ۽ سلامتي چاهين ٿا گڏو گڏ آزاد چونڊون، جمهوريت ۽ قانون جي حڪمراني جا خواهشمند آهن.

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته افغانستان بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه لاءِ پاڪستاني قيادت سان رابطي ۾ آهن، دهشتگردي خلاف پاڪستان سان ڳالهيون ۽ مشاورت جاري آهن، علائقائي استحڪام کي پيش ايندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ  لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا جا مفاد ساڳيا آهن.

ويدانت پٽيل وڌيڪ چيو ته دهشتگردن ۽ دهشتگرد گروپن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن، قانون جي بالادستي تحت شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
20 %
2.4kmh
97 %
اڱارو
27 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون