اتر وزيرستان جي علائقي ميران شاهه ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جو ميجر عامر عزيز ۽ سپاهي محمد عارف شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب، سڪيورٽي فورسز ميرانشاهه ۾ دهشتگردن جي ڳجهي اطلاع جي موجودگي تي آپريشن ڪيو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، ميجر عامر عزيز دهشتگردن خلاف آپريشن جي قيادت ڪري رهيو هو ۽ هن دهشتگرد ٽولي کي کي روڪيو ته فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.
آءِ ايس پي آر موجب، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ميجر عامر عزيز ۽ سپاهي محمد عارف شهيد ٿي ويا جڏهن ته هڪ دهشتگرد مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو.
آءِ ايس پي آر موجب، 29 سالن جو شهيد ميجر عامر سرگوڌا جو رهواسي هو جڏهن ته سپاهي محمد عارف جو تعلق ساهيوال سان هو.
آءِ ايس پي آر موجب، علائقي ۾ موجود امڪاني دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن ڪيو پيو وڃي، پاڪستان جي سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، جوانن جون اهڙيون قربانيون اسانجي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون آهن.
ٻئي پاسي خيبر ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران دهشتگردن جي فائرنگ سبب هڪ جوان شهيد ٿي ويو، پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته تيره واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.
دهشتگردن جي فائرنگ ۾ 36 ورهين جو حوالدار منتظر شاهه شهيد ٿي ويو، جنهن جو تعلق صوابي سان آهي.
آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته مارجي ويل دهشتگرد معصوم شهرين جي قتل ۽ سڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ ملوث هو.