دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروايون سندن عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن: آرمي چيف جنرل عاصم منير

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروايون سندن عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن، پاڪستان ۾ امن ۽ استحڪام شهيدن جي قربانين جي ڪري ئي آهي، پاڪ فوج وطن مان دهشتگردي جي ناسور کي هر قميت تي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير بنون جي علائقي جاني خيل جو دورو ڪيو.

دوري دوران آرمي چيف کي آپگهاتي ڌماڪي سان گڏوگڏ سڪيورٽي صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات ڪري سندن عزم جي واکاڻ ڪئي.

پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته جنرل عاصم منير بنون ڌماڪي  ۾ زخمي ٿيل ماڻهن جي عيادت لاءِ سي ايم ايڇ جو دورو به ڪيو ۽ کانئن  طبيعت بابت پڇيو.

ان موقعي تي آرمي چيف جو چوڻ هو ته دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروايون سندن عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن، پاڪ فوج وطن مان دهشتگردي جي ناسور کي هر قميت تي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

هن چيو ته پاڪستان ۾ امن ۽ استحڪام شهيدن جي قربانين جي ڪري ئي آهي، قوم شهادت ماڻيندڙ جي پونيئرن سان گڏ بيٺل آهي.

آءِ ايس پي آر موجب بنون ۾ آپگهاتي ڌماڪي سبب 9 جوان شهيد ٿي ويا هئا

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
41%
4.4m/s
63%
جمعو
34 °
ڇنڇر
34 °
آچر
33 °
سُومر
33 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون