اتر ڪوريا ڪچري سان ڀريل ٿيلها ڦوڪڻن سان ٻڌي ڏکڻ ڪوريا ۾ ڪيرائي ڇڏيا.
ڏکڻ ڪوريا ۾ روڊن تي پيل ڪچرو ڏسي شهري پريشان ٿي ويا، اختيارين به ماڻهن کي روڊ تي پيل ڪچري کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي.
انتظاميه متاثر هنڌن تي فوج، ڪيميائي ۽ بايولوجيڪل جاچ ٽيمون مقرر ڪري ڇڏيون آهن.
اتر ڪوريا طرفان اهڙي قدم تي ڏکڻ ڪوريا آڏو سخت احتجاج ڪندي چيو ويو ته اهڙو قدم عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ۽ شهرين جي سلامتي کي سخت خطري جو سبب آهي، اتر ڪوريا اهڙيون غير انساني ۽ ڪِريل حرڪتون بند ڪري.
اتر ڪوريا جو چوڻ آهي ته اهو قدم ڏکڻ ڪوريا جي ڪاررواين جي جواب ۾ کنيو ويو آهي.
ڏکڻ ڪوريا به اڪثر ڦوڪڻن ۽ ڊرونز ذريعي پروپئگنڊا پمفلٽ، کاڌي پيتي جون شيون ۽ دوائون اتر ڪوريا ۾ موڪليندو رهيو آهي…