تازه ترين

احتجاج جي آڙ ۾ دهشتگردي نه ڪرڻ ڏني ويندي: علي ناصر رضوي

اسلام آباد جي چيف ڪمشنر محمد علي رنڌاوا ۽ آءِ جي اسلام آباد علي ناصر رضوي چيو آهي ته احتجاج جي آڙ ۾ دهشتگردي نه ڪرڻ ڏني ويندي، احتجاج جي نالي تي سموري دهشتگردي هڪ صوبي جي وسيلن ذريعي ٿي، ڪنهن کي به رياست جي عملداري چئلينج ڪرڻ جي اجازت ناهي.

اسلام آباد ۾ چيف ڪمشنر محمد علي رنڌاوا چيو ته اسلام آباد جا سمورا رستا کوليا ويا آهن، احتجاج ڪندڙن اسلام آباد تي ڪاهه ڪئي، هاڻي سمورا روٽ ڪليئر آهن، احتجاج ڪندڙن ۾ پرڏيهي افغان شهري به شامل هئا.

هن چيو ته هنن پاڻ افغان شهري پڪڙيا آهن، رياست جي عملداري قائم ڪرڻ ضروري آهي، اسلام آباد اندر ڪو احتجاج ڪرڻ چاهي ٿو ته ان جو طريقو آهي.

چيف ڪمشنر چيو ته احتجاج ڪندڙن وٽ هٿيار موجود هئا، گرين بيلٽ ۽ وڻ ساڙيا وي، ميٽرو بس اسٽيشنن کي به نقصان پهچايو ويو.

ان موقعي تي آءِ جي اسلام آباد علي ناصر رضوي چيو ته احتجاج جي نالي تي سموري دهشتگردي هڪ صوبي جي وسيلن ذريعي ٿي، احتجاج بهاني ڪنهن جي به دهشتگردي برداشت نه ڪئي ويندي.

هن چيو ته  پوليس ۽ رينجرز جي جوانن تي حملا ڪيا ويا، ڪهڙي احتجاج ۾ سڪيورٽي اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي ويندي آهي؟ اها   دهشتگردي آهي، جنهن خلاف ڪارروائي سندن حق آهي.

آءِ جي اسلام آباد چيو ته ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل ٺاهيا ويا، سرڪاري طور وڏا پکا ٺاهيا ويا جيئن سمورو دونهون سڪيورٽي اهلڪار تي رهي، مظاهرو ڪندڙ ماسڪ پهري آيا، وٽس هر قسم جا هٿيار هئا.

علي ناصر چيو ته حڪومت جو مالي نقصان اربين رپين ۾ آهي، اِهو ڪيئن ممڪن آهي ته احتجاج ڪندڙ هٿيار استعمال ڪرڻ کانسواءِ هڪ به رنڊڪ پار ڪري؟ مظاهرو ڪندڙن 164 ڪئمرائون ٽوڙيون  ته جيئن فوٽيجز نه رڪارڊ ڪري سگهن.

آءِ جي اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاج ۾ شامل هٿيارن سان ليس ماڻهن جا فوٽيج به ڏيکاريا.

علي ناصر رضوي جو چوڻ هو ته پوليس ۽ رينجرز سان وڙهندڙ افغان شهري تربيت حاصل ڪي هئا، ڪا سياسي پارٽي تربيت  ورتل پرڏيهي وٺي اچي ته اهو احتجاج نه پر دهشتگردي آهي….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
120,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
3.7 ° C
3.7 °
3.7 °
29 %
2.5kmh
0 %
اربع
4 °
خميس
10 °
جمعو
11 °
ڇنڇر
14 °
آچر
14 °

تازه ترين خبرون