پيپلزپارٽي جي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته احسن اقبال جي ڪاوڙ ثابت ڪري ٿي ته نواز شريف مباحثي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان هارائي ويندو، بلاول ڀٽو جي عوامي منشور مخالفن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، نواز شريف جڏهن به اقتدار ۾ آيو ملازمن جي برطرفين جو طوفان مچايو.
ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال جي بيان تي ردعمل ڏيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي گهرجي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ٽيليويزن تي اچي مباحثو ڪري.
سندس چوڻ هو ته احسن اقبال جي ڪاوڙ ثابت ڪري ٿي ته نواز شريف مباحثي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان هارائي ويندو.
پيپلزپارٽي جي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پ پ چيئرمين جي خواهش آهي ته سندس مخالف عوام جي عدالت ۾ اچي پاڻ کي پيش ڪن، پيپلز پارٽي جي حڪومت ملازمن جي پگهارن ۾ 2 سئو سيڪڙو اضافو ڪيو هو.
فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته بلاول ڀٽو جي عوامي منشور مخالفن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، نواز شريف جڏهن به اقتدار ۾ آيو ملازمن جي برطرفين جو طوفان مچايو