پاڪستان آءِ ايم ايف کي هر مهيني 18 ارب رپين جا اضافي ٽيڪس لڳائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي

- Advertisement -
پاڪستان آءِ ايم ايف کي هر مهيني 18 ارب رپين جا اضافي ٽيڪس لڳائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي، دستاويزن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته کنڊ تي 5 رپيه في ڪلو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لڳائي سگهجي ٿي، هر سال 216 ارب رپين جا ٽيڪس لڳايا ويندا. ايف بي آر وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ جو منصوبو آءِ ايم ايف سان شيئر ڪري ڇڏيو، ملڪ ۾ ٽيڪس آمدن ۾ امڪاني شارٽ فال جي صورت لاءِ هنگامي پلان تيار ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته هنگامي پلان تي عمل جي صورت ۾ هر مهيني 18 ارب رپيا آمدني جو امڪان آهي جنهن لاءِ کنڊ تي 5 رپيه في ڪلو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ذريعن موجب، ٽيڪسٽائل ۽ ليدر جي شين تي جنرل سيلز ٽيڪس 15 مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي. ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته مشينري، ڪچي مال، سپلائز، خدمتن ۽ ٺيڪن تي به اضافي ٽيڪس جو امڪان آهي، نگران حڪومت ٽيڪس آمدن وڌائڻ جو پلان آءِ ايم ايف سان شيئر ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب، ايندڙ سال ٽيڪس هدف 11 هزار ارب مقرر ڪرڻ جو پلان آهي، ايندڙ سال جي ٽيڪس اوڳاڙي جو هدف هلندڙ سال جي ڀيٽ ۾ هڪ هزار 590 ارب رپين کان وڌيڪ هوندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم ڊيولپميٽ ليوي جو هدف 918 مان وڌيڪ هڪ هزار 65 ارب رپيا ڪرڻ جي تجويز آهي، هلندڙ سال 30 جون تائين 49 ارب ۽ ايندڙ سال 147 ارب اضافي ليوي اوڳاڙي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.2 ° C
25.2 °
25.2 °
32%
1.9m/s
0%
ڇنڇر
27 °
آچر
28 °
سُومر
30 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون