قانون واري نگران وفاقي وزير احمد عرفان اسلم چيو آهي ته ادارا اليڪشن ڪميشن جي چونڊ شيڊيول واري اختيار جو احترام ڪن
قانون واري نگران وفاقي وزير احمد عرفان اسلم جي صدارت هيٺ صوبائي قانون وارن وزيرن جو صلاح مشوري وارو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب، سنڌ، ڪي پي ۽ بلوچستان جي قانون وارن نگران وزيرن شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊن وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
وفاقي ۽ صوبائي نگران وزيرن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته آئين کي مجموعي طور پڙهڻ گهرجي ۽ آئين جي ڪنهن به شق کي ٻين لاڳاپيل قلمن کي ڌار پڙهڻ نه گهرجي، آئين موجب عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي.
قانون وارن وزيرن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته فيڊريشن کي مضبوط بڻائڻ، وفاقي اڪائين وچ ۾ ڀائيچاري کي يقيني بڻائڻ ۽ مختلف تاريخن تي چونڊن تي سڪيورٽي انتظامن سبب قومي خزاني تي بار کان بچڻ لاءِ عام چونڊون هڪ ئي ڏينهن ٿيڻ گهرجن.
هنن چيو ته اليڪشن ڪميشن هڪ آزاد آئيني ادارو آهي، رياست جي سمورن ادارن جي ذميواري آهي ته اهي هن جي خودمختياري جو احتراهم ڪن