بجلي جي بلن ۾ رليف تي اڳڀرائي نه ٿي سگهي، آءِ ايم ايف صنعتن کان سهولتون واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي
آءِ ايم ايف پاڪستان کان بجلي پاڻ پيدا ڪندڙ صنعتن کي ڏنل سهولتون واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.
عالمي مالياتي فنڊ مطالبو ڪيو ته بجلي ٺاهيندڙ صنعتن لاءِ گيس جي اگهن ۾ فوري طور اضافو ڪيو وڃي، بجلي ٺاهيندڙ صنعتن لاءِ گيس جي اگهن ۾ اضافو جولاءِ 2023ع کان لاڳو ڪيو وڃي.
آءِ ايم ايف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته بجلي ٺاهيندڙ ڪمپنين لاءِ رعايتي ٽيرف به ختم ڪري اگهن ۾ اضافي جو پلان فراهم ڪيو وڃي.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف جو اهو به مطالبو آهي ته واهپيدارن کي رليف ڏيڻ لاءِ پاور سيڪٽر جو نظام درست ڪيو وڃي.
بجلي جي بلن ۾ رليف پلان تي آءِ ايم ايف جي شرطن تي عمل لاءِ وقت گهريو ويو آهي
