اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جي ڌيءَ ايمان مزاري جي ضمانت منظور ڪري ورتي.
اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابوالحسنات ايمان مزاري خلاف باره ڪهو ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
ايمان مزاري جي وڪيل ايڊووڪيٽ زينب جنجوعا دليل ڏنا ۽ پوليس طرفان پراسيڪيوٽر راجا نويد پيش ٿيو.
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ايمان مزاريءَ جي ضمانت منظور ڪندي کيس 10 هزار رپين جا ضمانتي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو
